وزيراعظم شهبازشريف، وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
موجوده سياسي ۽ آئيني بحران ۾ وزيراعظم متحرڪ ٿي ويو آهي، هن موڪل واري ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ شهبازشريف لاهور کان وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪندو.
اجلاس دوران اهم قومي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا، ڪابينا اجلاس جي ڪا ايجنڊا جاري ناهي ڪئي وئي.
ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي، آئيني بحران کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو.
اجلاس دوران صدر طرفان بل واپس موڪلڻ واري معاملي تي به حڪمت عملي طئه ڪئي ويندي.
ڪابينا اجلاس ۾ جسٽس اطهر من الله جي اختلافي نوٽ بعد صورتحال بابت به غور ڪيو ويندو.
9 مئي واقعي ۾ ملوث وڳوڙين کي سزا ڏني ويندي : راڻا ثناءَ الله
حڪومت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ڳالهين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. فيصل آباد ۾ تڪبير جي ڏهاڙي جي...