وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي پارليامياني اڳواڻن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندو،جنهن جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ حڪومتي موقف کي ڀرپور نموني اجاگر ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.