وزيراعظم شهباز شريف برطانيا پهچي ويو آهي.
برطانيا ۾ پاڪستان هاءِ ڪمشنر ۽ برطانوي پرڏيهي وزير جي خاص نمائندي، وزيراعظم شهباز شريف جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڇنڇر ڏينهن برطانوي بادشاهه چارلس جي تاجپوشي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي سربراهي جلاس ۾ به شرڪت ڪندو.
شهباز شريف جي برطانيا ۾ پنج ڏينهن ترسڻ بعد سومر تي واپسي جو امڪان آهي.
وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪندو.