وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياست ۾ انتقامي ڪاررواين جو انجام سٺو ناهي نڪتو، هنن اقتدار سنڀالڻ وقت ظالماڻو رويو اختيار نه ڪيو، کين سياسي انتقام ڇڏي قومي ايجنڊا تي هلڻ گهرجي.
قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان جي دور ۾ سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو،گذريل حڪومت ۾ ڪيس نه پر فيس ڏٺو ويندو هو.
هن چيو ته عمران نيازي جي دور ۾ سياسي مخالفن جي گهرڀاتين کي به بخش نه ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته انڌي سياسي انتقام ۾ ملڪي ترقي جو سفر متاثر ٿيو.
هن چيو ته هنن ظالماڻي نيب قانون ۾ ترميم ڪئي آهي.