وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحادي پارٽين جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو جنهن ۾ عام چونڊن بابت سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس بابت غور ويچار ۽ پنجاب ۾ اليڪشن جي تاريخ بابت ڳالهيون ٿينديون.
وزيراعظم شهبازشريف حڪومتي اتحادي پارٽين جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو جنهن سڀني اتحادي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيندا.
ذريعن موجب، اجلاس سڀاڻي ساڍي ٻارهين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ۽ ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين تي اتحادي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪيا ويندا ۽ پنجاب ۾ اليڪشن بابت تاريخ تي به غور ڪيو ويندو.