وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ جي سياسي ۽ آئيني معاملن تي صلاح مشوري لاءِ اتحادي پارٽين جو اجلاس ٿي رهيو آهي.
اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڪي پي ۽ پنجاب ۾ عام چونڊن بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي بريفنگ ڏني ويندي.
اجلاس۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو.
اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف موجوده صورتحال تي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ اتحادي اڳواڻ آئيني بحران مان نڪرڻ بابت تجويزون ڏيندا.
قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اتحادي اڳواڻن کي سپريم ڪورٽ جي معاملي تي بريفنگ ڏيندي.