وزيراعظم شهباز شريف طرفان 200 يونٽ وارن بجلي واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ رعايت ڏيڻ جو اعلان، سندس چوڻ آهي ته هنن سياست قربان ڪري رياست کي بچايو آهي، نوي ڏينهن اندر ڪرپشن ختم ڪرڻ جا اعلان ڪندڙن جي دور ۾ وڏا اسڪينڊل ظاهر ٿيا، ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهر موڪلي کيسا ڀريا ويا، بي اعتمادي رٿ کان بچڻ لاءِ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي معيشيت کي نقصان پهچايو ويو، آءِ ايم ايف سان ٽن سالن جو پروگرام ڪو راز ناهي.
اسلام آباد ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن بابت ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته چيو ويو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿي ويندو، پر وڏا وڏا ڪرپشن ڪيس سامهون آيا.
هن چيو ته ڦريل دولت جو هڪ رپيو به نه آيو برطانيا جي مهربانيءَ سان 190 ملين پائونڊ پاڪستان کي واپس ڏنا ويا پر ان رقم ۾ به ڪرپشن ڪئي وئي.
وزيراعظم چيو ته سياست قربان ڪري رياست کي بچايو، ڏکيو مرحلو گذري ويو، ملڪ بچي ويو، مٿن تنقيد ڪئي وئي ته آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ بڻائي رهيا آهن، سڀني کي خبر هئي ته هو آءِ ايم ايف کان پروگرام حاصل ڪري رهيا آهن.
شهبازشريف چيو ته هڪ تنظيم جي بانيءَ چيو ته مري ويندو پر آءِ ايم وٽ نه ويندو ۽ ڪيترائي مهينا ضايع ڪري پوءِ ويو، جنهن ڪري آءِ ايم ايف کان مهانگو پروگرام ورتو ۽ پوءِ ان پروگرام کي سياست جي نظر ڪيو.
هن چيو ته بجيٽ ۾ ٽيڪسون لڳايون ويون آهن، اميرن تي ڪجهه ٽيڪسون پهريون ڀيرو لڳايون ويون آهن، زمين جو ڪاروبار ڪندڙن ۽ سيڙپڪارن تي پهريون ڀيرو ٽيڪس لڳائي وئي آهي، جتان هڪ سئو ارب رپيا آمدنيءَ جي اميد آهي.
وزيراعظم چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائي وئي آهي، جنهن تي احتجاج ڪيو ويو، ايندڙ سال ريئل اسٽيٽ سيڪٽر جي ٽيڪس ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو.
شهبازشريف چيو ته بجلي جي اگهه تي نظرثاني ڪئي وئي آهي، ٻه سئو يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان اعلان سان 94 سيڪڙو واهيپدار لاڀ حاصل ڪندا ،200 يونٽ استعمال ڪندڙ عام واهپيدارن کي سيپٽمبر تائين رعايت ڏني ويندي، آڪٽوبر ۾ موسم بهتر ٿي ويندو.
وزيراعظم چيو ته ڪراچي بندرگاهه تي 12 سئو ارب رپيا ڊيوٽي ۽ ٽيڪس چوري ڪئي پئي وڃي، هڪ اداري کين هڪ هفتو اڳ اها رپورٽ ٿي آهي.
شهبازشريف چيو ته 27 سئو ارب رپين جا ڪيس ورهين کان عدالتن ۾ پيا آهن………