وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ ڊرون حملي جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هڪ ليڊر طالبان کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، اهو پنهنجن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهي، ٻٽي پاليسي نه هلندي، قوم سوال ڪري ٿي ته دهشتگردي جي خاتمي کانپوءِ پشاور سانحو ڪيئن ٿيو آهي؟ ڪي پي کي مليل 417 ارب رپين جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي.
پشاور ۾ قومي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين هو سک سان نه ويهندا، پشاور ڌماڪي ۾ سڪيورٽي ليپس جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ناڪاري ڳالهيون نامناسب آهن.
هن چيو ته 30 جنوري تي پشاور ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو، هڪ دهشتگرد چيڪ پوسٽ کان ٿيندي پوليس لائنز ۾ داخل ٿيندي مسجد اندر وڃي پهتو، اي پي ايس سانحي کانپوءِ وڌيڪ هڪ وڏو واقعو ٿيو آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندا.
سندس چوڻ هو ته پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ سموري قوم ڏکايل آهي، سوال ڪري ٿي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي باوجود واقعو ڪيئن ٿيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نمازين کي ظالماڻي طريقي سان شهيد ڪيو ويو، متحد ٿي دهشتگرديءَ جي ڪنٽرول ڪيو ويندو.
هن چيو ته دهشتگرديءَ جو خاتمو سولو ڪم ناهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ناسور جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهندا.
سندس چوڻ هو ته پشاور سانحي جون حقيقتون قبول ڪن ٿا، واقعي بابت ناڪاري واويلا مذمت جوڳي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي اختلاف وساري دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو.