تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا بيان حيران ڪندڙ آهن، اسٽيبلشمينٽ جي گهوڙين تي بيٺل ٻنهي اڳواڻن کي احساس ناهي هو ڇا ڪري رهيا آهن، هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي هر عنصر کي دفن ڪيو ويو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي نامزد جوابدارن کان جاچ بنيادي ڳالهه آهي، ان کان انڪار قانون کي دفن ڪرڻ جي برابر آهي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا بيان حيران ڪندڙ آهن.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي گهوڙين تي بيٺل ٻنهي اڳواڻن کي احساس ناهي هو ڇا ڪري رهيا آهن، هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي هر عنصر کي دفن ڪيو ويو آهي.