وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ اهم معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڪابينا جو اجلاس منجهند هڪ وڳي ٿيندو جنهن ۾ آئيني، قانوني ۽ معاشي معاملن تي غور ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪابينا پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف آپشنز ۽ حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪندي.
ان کان علاوه ڪابينا اجلاس ۾ اهم قومي معاملن تي به مشاورت ٿيندي.
واضع رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ کي پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ 21 ارب رپيا اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.