وزيراعظم شهباز شريف سوات جي علائقي ڪُبل ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي اندر ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف شهيدن جي درجا بلندر ڪرڻ لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيلن کي هر ممڪن طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جا جوان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري ڇڏيندا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سوات جي علائقي ڪـُبل ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي اندر ڌماڪا ٿيا ها، جنهن ۾ ٻن آفيسرن سميت 15 اهلڪار شهيد ۽ 57 زخمي ٿيا ها، جن مان اٺن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.