وزيراعظم ميان شهباز شريف موٽر سائيڪل ۽ رڪشا هلائيندڙ کي رعايتي پيٽرول فراهم ڪرڻ جو اصولو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان شريف دوران مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائيءَ جي اثرن کان بچائڻ وارن قدمن بابت هڪ اجلاس ٿيو.
اجلاس کي موٽر سائيڪل ۽ رڪشي وارن کي رعايتي پيٽرول فراهم ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي.
تجويزن جي موٽ ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته پروگرام کي قطعي شڪل ڏئي جلد رپورٽ کيس ڏني وڃي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موٽر سائيڪل ۽ رڪشي وارا معاشي طور ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا، حڪومت کين مهانگائيءَ کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنندي.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل وارن کي 25 کان 50 رپيا في لٽر سستو پيٽرول ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.