وزيراعظم شهباز شريف ڪي پي ۾ اٽي جي بحران جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪي پي سميت ٻيا صوبا ايتري اهميت جوڳا آهن جيترو پنجاب آهي، ڪي پي جي عوام جي تڪليف سندن تڪليف آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار انجنيئر امير مقام رابطو ڪيو.
انجنيئر امير مقام، اٽي جي بحران بابت عوام جي ڳڻتي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪي پي ۾ اٽي جي بحران جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪي پي سميت ٻيا صوبا ايتري اهميت جوڳا آهن جيترو پنجاب آهي، ڪي پي جي عوام جي تڪليف سندن تڪليف آهي.