وفاقي حڪومت جا 2 سال ملڪ جي تاريخ جا بدترين سال ثابت ٿيا آهن, راشد محمود سومرو

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري چيو آهي ته وفاقي حڪومت جا 2 سال ملڪ جي تاريخ جا بدترين سال ثابت ٿيا آهن.

مٽياري ويجهو ڳوٺ صاحب سمان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته ارڙهين ترميم ۽  اين ايف سي ايوارڊ جي اعلان ۾ دير ۽ ملڪ جي ابتڙ معاشي صورتحال تي جي يو آءِ جي 9 جولاءِ تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺاهي ويندي.

هن چيو ته اي پي سي جي صدارت جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جو مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان ڪندو.

راشد محمود سومرو چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جي اختتام بعد 9 جولاءِ جي شام جو مولانا فضل الرحمن ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان گڏ اي پي سي جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪندو.

راشد محمود سومري جو چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت جا ٻه سال پاڪستان جي تاريخ جا بدترين سال ثابت ٿيا آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ غريب عوام  سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جي يو آءِ ملڪ جي عوام سان گڏ آهي جن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.