وفاقي سرڪار مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گهر واري، نياڻين ۽ پٽن سميت 10 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي سرڪار مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گهر واري، نياڻين ۽ پٽن سميت 10 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري ذريعي شهباز شريف جي گهر واري ۽ ٻن پٽن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ذريعن موجب شهباز شريف جي گهر واري ۽ پٽن کانسواءِ ساڻس ڏيتي ليتي ڪندڙ ستن ڄڻن جا نالا به اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.