وفاقي حڪومت جي اقتصادي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ بجيٽ بابت ايندڙ ھفتي صلاح مشورا ڪيا ويندا جنھن ۾ آءِ ايم ايف کي بجيٽ بابت اعتماد ۾ ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ ايف بي آر جي طرفان آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ موجود ٽيم گذريل ھفتي ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ تي شروعاتي ملاقات ٿي ھئي، وفاقي بجيٽ لاءِ پارٽ ون تياري جي حتمي مرحلي ۾ آھي، ھلندڙ سال وزارتن ۽ ڊويزنن جي خرچن، مڪمل ۽ جاري منصوبن سميت ٻين تفصيلن جي روشني ۾ پارٽ ون کي فائنل ڪيو ويو آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ بجيٽ سازي تي آءِ ايم ايف سان باضابطھ مشاورت ايندڙ ھفتي شروع ٿيندي جنھن ۾ آءِ ايم ايف ٽيم کي بجيٽ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاھھ ڪيو ويندو….