وفاقي ڪابينا، چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو اقليتي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو.
وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي اليڪشن بابت فيصلي کي پارليامينٽ سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.
اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اقليتي آهي، تنهن ڪري ڪابينا ان کي رد ڪري ٿي، فيصلو عمل جوڳو ناهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ايوان ۾ آواز اٿاريو ويندو، اتحادي پارٽيون ايوان ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڳالهائينديون ۽ حڪومت پنهنجو موقف پيش ڪندي.
ڪابينا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت مختلف آپشنن بابت ٽاسڪ ڏنو ويو.
اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ڪنهن به آئيني ۽ سياسي بحران کي منهن نه ڏئي سگهندو، سمورن اتحادين وزيراعظم کي مڪمل اعتماد جي خاطري ڪرائي آهي.