- Advertisement -
وفاقي ڪابينا ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ايف بي آر جي عملي ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪس اوڳاڙي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
نگران وفاقي ڪابينا ارسا چيئرمين جي مقرري جا اختيار وفاق حوالي ڪرڻ بابت سمري به ملتوي ڪئي.
وفاقي ڪابينا طرفان سي سي ايل سي ڪابينا ڪميٽي جي 26 جنوري واري فيصلن جي منظوري پڻ ڏني وئي.- Advertisement -
