وفاقي ڪابينا، توشا خاني جا تفصيل عام ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي ڪاوڙجي پيو، خرم دستگير جون سمورين وضاحتون رد ڪندي چيو ته اهو معافي نه ڏيڻ جوڳو عمل آهي، ذميوارن جو تعين ٿيندو ۽ سزائون به ٿينديون.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چار نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
اجلاس دوران توشا خاني بابت بين الوزارتي ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ڪابينا ڊويزن نئين پاليسي پيش ڪئي.
وفاقي ڪابينا توشا خاني جا تفصيل عام ڪرڻ جي منظوري ڏني.
اجلاس دوران بجلي جي بريڪ ڊائون وارو معاملو به غور هيٺ آيو.
وزيراعظم بجلي جي بريڪ ڊائون تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
وزيراعظم شهبازشريف بريڪ ڊائون تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي وزير خرم دستگير جون سموريون وضاحتون رد ڪندي چيو ته اهو معافي نه ڏيڻ جوڳو گناهه آهي، ذميوارن جو تعين ٿيندو ۽ سزائون به ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته سڄو ڏينهن ملڪ اوندهه ۾ ٻڏل رهيو ۽ اوهان کي فالٽ نه مليو؟ بند ڪمرن ۾ ويهڻ بدران فيلڊ ۾ حالتن جو پتو لڳايو وڃي.
وزيراعظم چيو ته عوام جن ڏکيائين کي منهن ڏنو ڇا ان جو احساس آهي؟ نطام پراڻو آهي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ جيڪو وزير ايمانداريءَ سان ذميواري نه ٿو نڀائي سگهي اهو عهدو ڇڏي ڏي.
ڪابينا اجلاس دوران وزيرن چيو ته مهانگائي سبب عوام اڳ ئي حڪومت تي ڪاوڙيل آهي، هر هنڌ تنقيد ٿي رهي آهي.