وفاقي ڪابينا جي اڪثريت خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي.
وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ هڪ نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اڪثريت ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي حمايت ڪئي آهي، حڪومت گورنر راڄ لڳائڻ کان اڳ پيپلزپارٽي، قومي وطن پارتي ۽ اي اين پي سان صلاح مشورن جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل وفاقي ڪابينا کي پنهنجي راءِ ڏني، خيبر پختونخوا حڪومت ٻه ڀيرا وفاق تي ڪاهه ڪري گورنر راڄ جو جواز پيدا ڪيو آهي.
ذريعن موجب سرڪاري ملازم ۽ مشينري به استعمال ڪئي وئي.
ذريعن موجب سياسي اتحادين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي گورنر راڄ بابت قطعي فيصلو ڪيو ويندو.