مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا طرفان سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد ڪرڻ ڪافي ناهي، آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙي لاڏلي کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾آندو وڃي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي مريم نواز چيو ته لاڏلي کي ٻيهر پنجاب جي حڪومت پليٽ ۾ رکي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڪثريت پاڻمرادي نوٽيس کي رد ڪيو، وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ عمران خان کي ڏنل سهولتڪاري کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني هٿن سان روڪي.
مريم نواز چيو ته وفاقي ڪابينا طرفان سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد ڪرڻ ڪافي ناهي، آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙي لاڏلي کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾آندو وڃي.