ڀارتي اداڪار وويڪ اوبراءِ به اداڪارا پريانڪا چوپڙا جيان بالي ووڊ جي حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب، 20سال اڳ ھڪ اپريل 2003 تي اداڪار وويڪ اوبراءِ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ بالي ووڊ انڊسٽري جي ڪجهه حقيقتن تان پردو کنيو ھو، سالن کانپوءِ ٻيھر اداڪار انڊسٽري ۾ موجود لابي ۽ غنڊه گردي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آھي.
اداڪارا پريانڪا چوپڙا به ھڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ھو ته بالي ووڊ انڊسٽري ۾ کيس ڀت سان لڳايو ويو ھو بعد ۾ ھالي ووڊ ۾ قدم رکڻ بعد بالي ووڊ کي الوداع ڪيو ھو.
وويڪ اوبراءِ چيو ته جيڪو ڪجهه پريانڪا چوپڙا سان ٿيو اھڙو ئي ڪجهه ساڻس ٿيو، کيس خوشي آھي ته ھو ان مان نڪري آيو، ھو پاڻ کي خوش نصيب سمجھي ٿو ڇو ته ھر ڪو ايترو خوش نصبيت ناھي جيڪو ان مان نڪري اچي.
وويڪ اوبراءِ چيو ته گھڻين شين مان ھو گذريو جيڪي غير ضروري ھيون، گھڻيون لابيون ۽ ڪھاڻيون آھن جنھن جو پريانڪا به اشارو ڪري رھي آھي، بدقسمتي سان اھا سندن انڊسٽري جي سڃاڻپ آھي.
اداڪار ٻڌايو ته سندس مشھور فلم شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊ والا ۾ ھن شاندار پرفارمنس ڏني ۽ اھا فلم ھٽ ٿي پر ان بعد ھو 14مھينن تائين گھر ويٺو رھيو ۽ کيس ڪو ڪم نه مليو.
وويڪ اوبراءِ جو چوڻ ھو ته جڏھن ھو ان وقت مان گذريو ته ھو اھو سوچي رھيو ھو ته ان کان وڌيڪ کيس ڪجهه ڪرڻو آھي، ھو بااختيار بڻجڻ چاھي ٿو، ڪجهه اھڙو ڪم ڪرڻ گھري ٿو جنھن ۾ سندس مستقبل بھتر ٿئي.
ھن چيو ته بزنس شروع ڪيو ۽ ان تي ڌيان ڏنو ڇو ته کيس انڊسٽري ۾ ھڪ ڪنڊ ۾ ڌڪيو ويو ھو.