آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي نائين ڪانووڪيشن تقريب ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان پروفيسر اجمل ساوند کي سول ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور کي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي نائين ڪانووڪيشن تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير خورشيد شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب دوران پروفيسر اجمل ساوند جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي ڪئي وئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان پروفيسر اجمل ساوند کي سول ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪامياب شاگردن ۽ سندن والدين کي مبارڪ ڏني، شاگرد قوم جو عظيم سرمايو آهن جنهن سبب سندن وڏي ذميواري آهي ته هو ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
سندس چوڻ هو ته گذريل ڪجهه سال ڪيترن ئي انٽر واقعن سبب تباهه ڪندڙ ثابت ٿيا، ڪورونا سندن لاءِ وڏو مسئلو هو پر بهتر قدم کڻي ان تي ضابطو آندو جنهن دوران پروفيسر نثار احمد صديقي وڇڙي ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پروفيسر نثار صديقي جي صوبي ۽ ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نٿو سگهجي، آءِ بي اي سکر سندس ڪوششن کي هميشه ساراهيندي.
هن چيو ته پروفيسر نثار صديقي ملڪ ۾ ڪميونٽي ڪاليج جي تصور جو بنياد رکيو، جيڪو سندس عظيم ڪارنامو آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن هاڻي صديقي صاحب جي ڪميونٽي ڪاليجن جي ماڊل کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙڻ چاهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته نثار صديقي جي هن ميراث کي جاري رکڻ کيس سڀ کان وڏي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي برابر آهي، تعليم جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت هر قسم جي سهڪار ۾ اڳيان رهندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ميرپورخاص، دادو، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ آءِ بي اي جي شاخن تي خوشي ٿي رهي آهي.
هن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند کي سول ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، پروفيسر اجمل ساوند جو قتل روايت نه پر جهالت آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي……………