تازه ترين

يهودي فوج فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي تيز ڪري ڇڏي

يهودي فوج فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي تيز ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسرائيل طرفان حماس جي نيول فورس جي سربراهه سميت 4 سينيئر ڪمانڊر شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي  ٽينڪن جي غزا شهر طرف تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي جنهن دوران  حماس ۽ يهودي فوج ۾ ڇتي ويڙهه هلندڙ آهي.

غزا تي مسلسل بمباري  سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 350 فلسطيني شهري شهيد ٿيڻ بعد شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو ۽  22 هزار کان وڌيڪ زخمي، شهيدن ۾ 3 هزار 457 ٻارڙا، 2 هزار 136 عورتون ۽ 480 بزرگ شامل آهن.

اسرائيلي حملن ۾ 124 طبي عملي جا ڪارڪن به شهيد ٿي ويا ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، اسرائيلي جيلن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ فلسطيني قيد آهن.

اسرائيلي فوج رهائيشي عمارتن، اسڪول، اسپتال ۽ مسجدن کي نشانو بڻائي رهي آهي، وچ غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري سبب مسجد بلال بن رباح شهيد ٿيوئي، مسجد سان گڏ بي گهر  ۽ بي پناهه  بڻيل گهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، القدس اسپتال ويندڙ رستن کي به تباهه ڪيو ويو .

انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس مسلسل بند هجڻ سبب 23 لک ماڻهن جو دنيا سان رابطو بحال نه ٿي سگهيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون