يورپي ملڪ فـِن لينڊ فوجي اتحاد نيٽو جو 31 هون ميمبر ملڪ بڻجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نيٽو هيڊڪوارٽر ٻاهران فن لينڊ جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ ٻين ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي فن لينڊ جي صدر جو چوڻ آهي ته هر ملڪ سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، نيٽو ۾ شامل ٿيڻ سان عالمي پوزيشن مضبوط ٿي آهي.
هوڏانهن روسي پرڏيهي وزارت فن لينڊ جي نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي مذمت ڪئي آهي.
روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿي ڪري فن لينڊ پنهنجي صلاحيت وڃي ويٺو.
روسي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هاڻي فن لينڊ هڪ ننڍو ميمبر ملڪ آهي، انجي فيصلي ڪرڻ جي سگهه ختم ٿي وئي.