يورپ ۾ ماحيولياتي گدلاڻ ساليانو 12 سئو ٻارن جي موت جو سبب بڻجي ٿي.
يورپي يونين جي ماحولياتي گدلاڻي بابت ايجنسي طرفان رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ يورپ جي 30 ملڪن ۾ ماحولياتي گدلاڻي سبب ٿيل نقصان جو مطالعو ڪيو ويو.
رپورٽ موجب ماحولياتي گدلاڻي زندگي ۾ دائمي بيمارين جو خطرو به وڌائي ٿي، گدلاڻي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي انگ ۾ اضافو به ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ ماحولياتي گدلاڻي جي سطح صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ کان مٿي آهي.
رپورٽ ۾ روس، يوڪرين ۽ برطانيه جي وڏي صنعتي ملڪن جو ذڪر ناهي ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ جاني نقصان بابت ٻڌايو ويو آهي ته هر سال 12 سئو ٻار ماحولياتي گدلاڻي سبب فوت ٿي رهيا آهن.
رپورٽ موجب يورپي يونين جي ملڪن ۾ فوتگين جو انگ 2005 تائين 4 لک 31 هزار ۽ 2020 تائين آئس لينڊ، ناروي، ترڪيه ۽ سوئيزرلينڊ ۾ ساليانو موتن جو انگ 2 لک 38 هزار آهي.
رپورٽ موجب يورپي يونين 2030 تائين ماحولياتي گدلاڻي سبب موتن جو انگ 50 سيڪڙو گهٽائڻ واري هدف تي گامزن آهي.