روس دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين ڊرون حملي جي ذريعي صدر پيوٽن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي.
روس طرفان صدارتي محل ڪريملين تي ڊرون حملي کي صدر پيوٽن کي مارڻ جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته يوڪرين حملي کان مڪمل لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڪريملن جي مٿان دونهون اڏامندي ڏسي سگهجي ٿو.
روس طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گذريل رات ڪريملن جي طرف ايندڙ ڊرون کي ڪيرايو ويو، يوڪرين جو ڊرون حملو صدر پيوٽن کي مارڻ جي ڪوشش آهي.
ٻئي طرف يوڪرين روسي صدارتي محل ڪريملن تي حملي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته يوڪرين جو ماسڪو ۾ صدارتي محل تي ڊرون حملي سان ڪو تعلق نه آهي، ڪريملن تي حملي سان يوڪرين کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، ڪريملن تي حملي جي بهاني روس جي انتهائي سخت رد عمل جو اندازو آهي.