ٺري ميرواهه ويجهو پرائمري اسڪول مان لاش هٿ آيو آهي، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ کبڙ خان جوڳي جي پرائمري اسڪول ۾ اڻڄاتل شخص جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسڪول کوليو ويو ته ڪلاس روم ۾ لاش پيل هو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد فوتي جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.