ٺري مير واهه ۾ ڳوٺاڻي مريد حسين ٻانڀڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.
محمد بخش ٻانڀڻ، مولا داد، امير بخش منگي ۽ ٻين ميرواهه پل کان ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ ڳوٺ مروڙو ۾ مريد حسين ٻانڀڻ کي گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو.
هنن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب مريد ٻانڀڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
سندن چوڻ هو ته وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مريد ٻانڀڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
پوليس احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.