تازه ترين
حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي بابت پ پ کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي: مراد علي شاهه پي ٽي آءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته سندن حق آهي، حالتن جا ذميوار تحريڪ انصاف وارا پاڻ آهن؛ شرجيل ... مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون برپا آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي هاڻي گهڻو ٿي ويو، پاڪستان ۽ تحريڪ انصاف گڏ نه ٿا هلي سگهن، تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ لاءِ ڪيس داخل ڪ... مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني طور عمل ڪرڻ ممڪن ن... لاهور جي عدالت 9 مئي ڀڃڊاهه بابت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي... سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 14ڄڻا فوت ۽ 29 زخمي

ٺٽي جي اسپتال ۾ الٽي ۽ دست جي بيماري ۾ مبتلا 3 ٻارڙا فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

ٺٽي جي اسپتال ۾ الٽي ۽ دست جي بيماري ۾ مبتلا 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته سندن وارثن ڊاڪٽرن تي مبينا غفلت ۽ علاج جي سهولت نه ملڻ جو الزام لڳايو آهي.

سول اسپتال ۾ دست ۽ الٽي جي بيماري مبتلا مڪلي واسي ڏيڍ سال جي ماجد ۽ 103 موري واسي ٻن ورھين جو اسحاق کوسو سميت 3 ٻارڙا سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويا.

فوت ٿيل ٻارڙن جي وارثن امين لاسي ۽ امير کوسو الزام ھڻندي چيو ته سندن معصوم ٻارڙا دست ۽ الٽي ۾ مبتلا ھئا جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ۽ ڊاڪٽرن کي علاج لاءِ منٿون ڪندا رھيا پر ڊاڪٽرن جي ڌيان نه ڏيڻ ۽ علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
34 %
2.6kmh
73 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون