بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ٻه آئيني ادارا آمهون سامهون آهن، پارليامينٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي غير اخلاقي مداخلت کي روڪيو وڃي، هو آئين کي پائمال ٿيڻ نه ڏيندا، جڏهن به آئين جي ڀڃڪڙي ٿي ان تي عدليا ٺپو لڳايو، عدليا کي سندن ۽ کين عدليا جي حدن ۾ نه وڃڻ گهرجي، سموري هائوس تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ڏسي ته ماضي ۾ آئين سان ڇا ٿيندو رهيو، جسٽس منير کان هيل تائين جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته عدليا جو بنيادي ڪم انصاف جي فراهمي آهي، هو آئين کي پائمال ٿيڻ نه ڏيندا، جڏهن به آئين جي ڀڃڪڙي ٿي ان تي عدليا ٺپو لڳايو.
هن چيو ته هو عدليا خلاف ناهن پر ادارن کي پارليامينٽ جي اختيار ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.
خواجه آصف چيو ته ٻه ادارا آمهون سامهون اچي ويا آهن، آئين جي تشريح ڪندڙن ۾ تضاد سامهون اچي رهيا آهن، عدليا کي سندن ۽ کين عدليا جي حدن ۾ نه وڃڻ گهرجي.
بچاءَ واري وزير چيو ته عدالتي ۾ چئن لکن کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن، اداري جو حال اهو آهي، سموري هائوس تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ڏسي ته ماضي ۾ آئين سان ڇا ٿيندو رهيو، جسٽس منير کان هيل تائين جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
خواجه آصف چيو ته هو آئين ٺاهڻ وارا آهن، پنهنجي تخليق جي ڪنهن به صورت ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏيندا.
بچاءَ واري وزير چيو ته سياسي ۽ آئيني بحران ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏ ويهڻو پوندو.