ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، فصلن جي تباهي سبب مقامي سطح تي مهانگائي ۾ اضافو ٿيو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي معيشيت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.
رپورٽ موجب، ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ فصلن جي وڏي تباهي ٿي، فصلن جي تباهي سبب پاڪستان ۾ طلب ۽ رسد جو توازن خراب ٿيو، مقامي طور تي مهانگائي ۾ اضافو ٿيو.
ايشيائي بئنڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نقصانن کان بچڻ لاءِ ماهرن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 1730 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 33 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا.
رپورٽ موجب، پاڪستاني معيشيت کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو، ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ 16 ارب ڊالر جا واعدا ٿيا، ايشيائي بئنڪ پاڪستان کي ٻوڏ جي نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪيا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2022ع ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊنگ پاڪستان لاءِ ڪئي وئي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ سندس ڀائيوارن پاڪستان کي پنج ڏهائي پنج ارب ڊالر جا منصوبا ڏنا، خيبرپختونخوا ۾ عورتن جي صحت لاءِ منصوبو جاري آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2022ع ۾ پاڪستان کي 2 ڏهائي 6 ارب ڊالر جا رعايتي قرض ڏنا ويا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايشيا ۾ 31 ڏهائي 9 ارب ڊالر جي پراجيڪٽ فنانسنگ ڪئي، عالمي سطح تي مهانگائي ۽ مٽاسٽا جو ذميوار روس ۽ يوڪرين جنگ کي قرار ڏنو ويو.