ٽنڊوالهيار ويجهو پوليس مقابلي دوران هڪ زخمي سميت ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اي سيڪشن پوليس جي بقا ڏاهري اسٽاپ وٽ ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي،جنهن کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار م گرفتار ڪيو جڏهن ته فرار ٿيندڙ جوابدار کي پڻ حراست ۾ وٺي لاڪ اپ ڪيو ويو.
پوليس موجب، گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ ممتاز عرف فوجي کوسو ۽ غلام قادر ڪالرو نالي طور ٿي سندس قبضي مان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڪجه ڏينهن اڳ بقا ڏاهري باءِ پاس تان ڳوٺاڻي کان ڦر ڪندي مزاحمت تي کيس گولي هئني هئي.