ٽنڊي الهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪيلي جي باغ مان نينگر جو لاش هٿ آيو.
تاج پور مان گذريل ڏينھن کان گم ٿي ويل ڇھين ڪلاس جي شاگرد نريش ڀيل جو لاش ڪيلي جي باغ ۾ ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نريش گذريل ڏينهن گم ٿي ويو هو، جنهن جو اڄ لاش مليو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد نينگر جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.