ٽنڊي آدم ويجهو فارم هائوس جي سوئمنگ پول ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو جڏھن تھ پوليس فارم هائوس سيل ڪري ڇڏيو ۽ مالڪ کسڪي ويو آھي.
نواز ٽائون ۾ فارم ھائوس جي سوئمنگ پول ۾ وھنجندي 12 ورھين جو سفيان پٽ نديم ٻڏي فوت ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد سٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پھچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.
12 ورھين جي سفيان جو مڙھھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
سٽي پوليس فارم ھائوس کي سيل ڪري ڇڏيو جڏھن تھ فارم ھائوس جو مالڪ عمران فرار ٿي ويو آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تھ وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.