ٽنڊي الهيار ۾ معصوم نينگر تي چوريءَ جي الزام هيٺ وحشياڻي تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڌڱاڻي بوزدار ۾ نينگر کي چوري جي الزام هيٺ وڻ ۾ ٽنگي تشدد ڪرڻ واري خبر سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي ٽنڊوالھيار نوٽيس ورتو.
ايس ايس پي ٽنڊو الهيار سليم شاهه جو چوڻ آهي ته نينگر تي تشدد ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو.
تشدد جو نشانو بڻجندڙ نعمان جي چاچي جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ بااثر شخصيتن منظور لغاري ۽ مريد لغاري جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ ڌڱاڻي بوزدار ۾ چڙھائي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويا آھن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.