اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان، مشهور فٽبالر ڪرسٽينا رونالڊو ۽ ڀارتي ڪرڪٽر ويرات ڪوهلي سميت ڪيترن ئي شخصيتن ۽ ادارن جا ٽوئٽر اڪائونٽ مان بليوٽڪ غائب ٿي ويو.
ٽوئٽر تي بليوٽڪ جي ذريعي واهپيدار جي اڪائونٽ جي تصديق ڪئي ويندي هئي ته اهو اڪائونٽ جعلي نه پر اصلي آهي پر هاڻي اهو بليو ٽڪ واهپيدارن جي ويريفائيڊ اڪائونٽس مان غائب ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.
پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٽوئٽر تي 19 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن ان جي ٽوئٽر اڪائونٽ مان به بليو ٽڪ غائب ٿي ويو.
ٻئي طرف بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاب بچن ۽ شاهه رخ خان به ٽوئٽر ويريفائيڊ اڪائونٽ کان محروم ٿي ويا