امريڪي رياست ٽيڪساس جي ھڪ ڊيري فارم ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 18ھزار ڳئون مري ويون.
برطانوي ميڊيا موجب، اھو واقعو ڊمٽ ٽائون جي ويجھو ھڪ سائوٿ فورڪ ڊيري ۾ پيش آيو جتي ھزارن جي تعداد ۾ ڳئون موجود ھيون.
ميڊيا رپورٽس موجب، واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم اينيمل ويلفيئر انسٽيٽيوٽ جي طرفان بھ 18ھزار ڳئون مرڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي.
ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ انتظاميا طرفان ڌماڪي جو سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انتظاميا جو خيال آھي تھ فارم ۾ موجود مشينري ۾ باھھ لڳڻ سبب ڌماڪو ٿيو.
انتظاميا موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ھڪ شخص شديد زخمي ٿيو آھي جنھن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي.