ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن، ٽيڪس ڪندڙن ۽ سندن مدد ڪندڙڻ کي انجام تائين پهچايو ويندو: وزيراعظم شهبازشريف

spot_img
وزيراعظم شهبازشريف، ٽيڪس نه ڏيندڙ خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن، ٽيڪس ڪندڙن ۽ سندن مدد ڪندڙڻ کي انجام تائين پهچايو ويندو، ملڪي معيشت جي ترقي تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن سڀ پنهنجي حصي جي ذميواري پوري ڪندا. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ معيشت جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب  آءِ ايم ايف سان ٿيل ملاقاتن تي بريفنگ ڏني. شهبازشريف جو چوڻ هو ته ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهوي آهي، معيشت جي ترقي لاءِ کنيل قدمن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي آهي. هن چيو ته عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، وياج جي شرح 22 مان گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تائين اچي وئي، ان سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرميون وڌنديون ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪي ايڪسپورٽ ۾ اضافي سبب ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، زرعي شعبي ۾ سڌارن تي پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ حڪومت کي هو ڀيٽا پيش ڪن ٿا. شهبازشريف چيو ته ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن، ٽيڪس ڪندڙن ۽ سندن مدد ڪندڙڻ کي انجام تائين پهچايو ويندو، ملڪي معيشت جي ترقي تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن سڀ پنهنجي حصي جي ذميواري پوري ڪندا، سمورن شعبن کي ٽيڪس ادا ڪري ملڪي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو……

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون