ماحوليات واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ٽي رڪني بئنچ جي فيصلي تي احتجاج ڪرڻ سياسي پارٽين جو حق آهي، جڏهن عدل، قانوني ۽ اخلاقي گهرجون پوريون نه ٿينديون ته سوال ضرور اٿندا.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته ٽي رڪني بئنچ جي فيصلي تي هڪ نه پر ڪيترائي اعتراض آهن، بئنچ جوڙڻ واري عمل کي تڪراري بڻايو ويو، پهرين مارچ تي چئن ججن پاڻمرادي نوٽيس خلاف فيصلو ڏنو.
هن چيو ته جڏهن ججن جي اڪثريت فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ٽي رڪني بئنچ ڇو ٺهي؟ چئن ججن جي فيصلي کي ٽي رڪني بئنچ نه پر فل ڪورٽ ئي رد ڪري سگهي ٿي.
شيري رحمان چيو ته فل ڪورٽ جي درخواست بار بار رد ڪئي وئي، سياسي پارٽيون ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪنديون رهيون، چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين جو موقف ٻڌڻ جي ضرورت ئي نه سمجهي وئي.
وفاقي وزير چيو ته 14 مئي تي چونڊون 90 ڏينهن نه پر 120 ڏينهن ٿين ٿا، آئين تحت جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون آحن ته فيصلي ۾ 14 مئي جي تاريخ پويان ڪهڙي مصلحت آهي؟