بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ ٻيهر آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان کي تڏهوڪي اسٽيبلشمنٽ جي حمايت حاصل هئي، اها حڪمت عملي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.
آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته اسلام آباد جا ڪابل ۾ حڪمران طالبان اڳواڻن سان سٺا لاڳاپا آهن، پر افغان طالبان پاڪستان تي حملن ۾ پنهنجي ڌرتي جو استعمال روڪڻ ۾ڪامياب ناهن رهيا.
هن چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي اڄ به پاڪستان خاص طور ڪي پي تي حملن لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ سان گڏ افغانستان ۾ دوري ۾ اهو معاملو بحث هيٺ آيو ۽ طالبان ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
خواجه آصف چيو ته طالبان چيو هو ته اهي پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا.
بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ اشارو ڏيندو رهيو ته هو طالبان جو نظرياتي طور حامي آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ ٻيهر آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان کي تڏهوڪي اسٽيبلشمنٽ جي حمايت حاصل هئي.
خواجه آصف چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ ٻيهر آبادڪاري واري حڪمت عملي ناڪام ٿي چڪي آهي، ٽي ٽي پي وٽ آمريڪا جا افغانستان ۾ ڇڏيل جديد هٿيار آهن، ڀارت طالبان جي اڄ به مدد ڪري رهيو آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته طالبان جي واپسيءَ خلاف هٿين خالي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، طالبان پنهنجي ڪاميابين کي عورتن تي پابندين ذريعي نقصان پهچائي رهيا آهن.
خواجه آصف چيو ته عمران خان جي موقف ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، اسد قيصر ۽ ٻيا ڳالهين بابت چون ٿا، قومي ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر ويهن، تڏهن کي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون.