آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ناقص پرفارمنس تي سليڪٽر وهاب رياض ۽ عبدالرزاق کي عهدن تان فارغ ڪيوويو.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اڳوڻا ڪرڪيٽر هاڻي ايندڙ سليڪشن معاملن ۾ شامل نه ٿيندا، محمد يوسف ۽ اسد شفيق فلحال سليڪٽر طورڪم جاري رکندا، ان کان علاوه ڪپتان ۽ هيڊڪوچ به سليڪشن ڪميٽي ۾ برقرار رهندا.
عبدالرزاق ۽ وهاب رياض جي جاءِ تي نوان سليڪٽر مقرر ڪيا ويندا هي فيصلو اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيم تي سليڪشن کانپوءِ ڪيوويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم سان سينيئر مينيجر طور ذميواريون نڀائيندڙ وهاب رياض کي ان عهدي تان به هٽائڻ جو امڪان آهي، سندس جاءِ تي سينيئر ڪرڪيٽر يا بيورو ڪريٽ کي قومي ٽيم جون نئون مينيجر بڻائي سگھجي ٿو.
واضع رهي ته وهاب رياض کي ٽيم ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ عارضي سينيئي ٽيم مينيجر ڪيو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آحي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سليڪشن ڪميٽي نئين سر جوڙڻ سان گڏ ٽيم انتظاميا ۾ به ڪجهه اهم تبديلون ٿي سگھن ٿيون.