تازه ترين

ٽي 20ورلڊ ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگي، وهاب رياض ۽ عبدالرزاق عهدي تان فارغ

- Advertisement -
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ناقص پرفارمنس تي سليڪٽر وهاب رياض ۽ عبدالرزاق کي عهدن تان فارغ ڪيوويو. پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اڳوڻا ڪرڪيٽر هاڻي ايندڙ سليڪشن معاملن ۾ شامل نه ٿيندا، محمد يوسف ۽ اسد شفيق فلحال سليڪٽر طورڪم جاري رکندا، ان کان علاوه ڪپتان ۽ هيڊڪوچ به سليڪشن ڪميٽي ۾ برقرار رهندا. عبدالرزاق ۽ وهاب رياض جي جاءِ تي نوان سليڪٽر مقرر ڪيا ويندا هي فيصلو اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيم تي سليڪشن کانپوءِ ڪيوويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم سان سينيئر مينيجر طور ذميواريون نڀائيندڙ وهاب رياض کي ان عهدي تان به هٽائڻ جو امڪان آهي، سندس جاءِ تي سينيئر ڪرڪيٽر يا بيورو ڪريٽ کي قومي ٽيم جون نئون مينيجر بڻائي سگھجي ٿو. واضع رهي ته وهاب رياض کي ٽيم ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ عارضي سينيئي ٽيم مينيجر ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آحي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سليڪشن ڪميٽي نئين سر جوڙڻ سان گڏ  ٽيم انتظاميا ۾ به ڪجهه اهم تبديلون ٿي سگھن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون