پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جو چوڻ آهي ته هُو ٽڪ ٽاڪربڻجڻ کان پهرين ٽيچر هئي.
سوشل ميڊيا تي حريم شاهه پاران هڪ انٽرويو جي ڪلپ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان مخلتف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان دوران حريم ٻڌايو ته هو ٽڪ ٽاڪر بڻجڻ کان پهرين ٽيچر هئي.
وائرل ويڊيو جي حوالي سان صندل خٽڪ جي الزامن تي حريم شاهه جو چوڻ هو ته ڪنهن تي به الزام لڳائڻ آسان آهي پر ان کي ثابت ڪرڻ گهڻو مشڪل هوندو آهي.
شادي بابت پڇيل سوال تي حريم چيو ته منهنجي شادي ٿي آهي ان جي تصديق نادرا يا پاڪستان جي ڪنهن به اداري کان ڪرائي سگهجي ٿي.
هن چيو ته مون کي ٽڪ ٽاڪ مان شهرت ملي ان ڪري مون کي ٽڪ ٽاڪر چيو ويندو آهي ٽڪ ٽاڪر نه هجان ها ته ٽيچر هجان ها ڇو ته ٽڪ ٽاڪ کان پهرين ٽيچنگ ڪئي هئي ۽ هسٽري جو مضمون منهنجو فيورٽ هو.