پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس فيصلو سڏائڻ وارو فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب گڏيل اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندڙ ڪجهه بلن کي قطعي شڪل نه ڏيڻ سبب گڏيل اجلاس جي تاريخ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.
ايوان صدر کي به اجلاس نه ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جي ايڊوائس وزيراعظم صدر ڏانهن اماڻي هئي، اجلاس هاڻي ڇنڇر ڏينهن سڏايو ويندو.