پاڻي معاملن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ کي دٻاءُ ۾ رکڻ تائين ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اعليٰ عدليا جي غير منصفاڻي فيصلن سبب آمرن کي ملڪ، آئين ۽ پارليامينٽ تباهه ڪرڻ جو موقعو مليو، آمريت جي تباهيءَ جي قميت اڃا تائين ادا ڪئي پئي وڃي.
جاري ڪيل بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته عدليا جي تاريخ خراب رهي آهي، هاڻي صورتحال اهآ يه ته بئنچ کي ڏسي عام ماڻهو به ٻڌائي ڇڏيندو آهي ته ڪهڙو فيصلو اچڻ وارو آهي.
هن چيو ته پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندڙ ملڪ ۾ انارڪي پکيڙيندڙ آهن.
خورشيد شاهه چيو ته عمران خان قوم کان معافي وٺي ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن، مسئلن جو حل تڏهن ئي نڪرندو هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندو.
وفاقي وزير چيو ته عوامي ۽ ملڪي مفاد جي فيصلي لاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري ڇاڪاڻ ته ٽي رڪني بئنچ جو مڙهيل فيصلو ڪو به تسليم نه ڪندو.