پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ امريڪي ڊالر جي ملهه ۾ اضافي جو سلسلو بيهجي ويو ۽ اڄ ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
انٽربئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر هڪ رپيو 81 پئسا سستو ٿي ويو.
هڪ رپيو 81پئسا سستو ٿيڻ بعد انٽر بئنڪ ۾ امريڪي ڊالر 286رپيا 62پئسن جو ٿي ويو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر گذريل ڏينهن 288 رپيا 43 پئسن تي بند ٿيو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيڻ بعد 294 رپين جو ٿي ويو.