ڪابل ۾ پاڪستان جي ناظم الامور عبيد الرحمان نظاماڻي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي، افغان پرڏيهي وزير، پاڪستاني سفير جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
افغان پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، مولوي امير خان متقي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ناظم الامور جي ڪابل واپسي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي هاڪاري اثر پوندا.
افغان پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان طرفان افغان قيدين جي آزادي هاڪاري قدم آهي، اميد آهي ته عيد کان اڳ ٻيا افغان قيدي به آزاد ڪيا ويندا.
ترجمان موجب، افغان پرڏيهي وزير پاڪ افغان ويزا ۾ شفافيت تي به زور ڏنو.
ان موقعي تي پاڪستاني ناظم الامور عبيد الرحمان نظاماڻي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا بهتر ٿيندا، سفارتخانو ويزا جي معاملي تي افغان پرڏيهي وزارت سان گڏجي ڪم ڪندو.