تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي، حڪومتي قدمن سان پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي آهي، سندن خواهش آهي ته وياج جي شرح سنگل ڊجٽ ۾ اچي وڃي. ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت کي مضبوط ڪيو ويندو، آهستي آهستي تبديلي اچي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ ٻه سيڪڙو گهٽتائي سان سمورن شعبن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان قرض پرورگرام ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن، پروگرام طئه ڪرڻ بعد هو ترقيءَ جي شرح وڌائڻ لاءِ قدم کڻندا. وزيراعظم چيو ته توانائي ۽ ايف بي آر جي شعبي ۾ قدمن جي ضرورت آهي. شهبازشريف چيو ته قرضن مان جان ڇڏائي پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو، پاڪستان  ائٽمي طاقت آهي روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جا مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ سڀني گڏجي محنت ڪئي، چيني سفير به ڪوششون ورتيون. شهبازشريف چيو ته غزا ۾ رتوڇاڻ ۽ معصوم فلسطينين جي جهڙيءَ ريت شهيد ڪيو پيو وڃي، اهو انساني تاريخ جو ڪارو ترين باب آهي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عالمي ضمير خاموش آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيلي ظلم سبب گڏيل قومن جي ڇهن رضاڪارن کي غزا ۾ قتل ڪيو ويو، اهو واقعو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿئي ها ته طوفان اچي وڃي ها. شهبازشريف چيو ته اسرائيلي ڏاڍ مذمت کان گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي، عالمي دنيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون