پاڪستان اسرائيلي ڪاررواين کي خطي جي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته اسرائيلي ڪاررواين خطي جي سلامتي خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي، پاڪستان کي غزا جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل فلسطيني شهرين جي قتل ۾ ملوث آهي، ٽي ٽي پي خطي لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهي آهي، دهشتگرد سرگرمين لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪئي پئي وڃي، افغان حڪومت ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسرائيلي ڪاررواين علاقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پاڪستان اسرائيل جي خطي ۾ ڪاررواين ۽ لبنان تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي اڳرائي سان خطي ۾ جنگ کي هٿي ملندي، اسرائيلي ڪارروائي لبنان جي خودمختاري ۽ علاقائي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، پاڪستاني عوام، لبنان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته تهران ۾ اسماعيل هانيه جو قتل، اڳ کي غير مستحڪم خطي ۾ امن جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ آهي، اسرائيلي ڪاررواين خطي جي سلامتي خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي، آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيل فلسطيني عوام خلاف دهشتگردي جي مهم شروع ڪئي آهي، گڏيل قومون غزا جي ماڻهن جي نسل ڪشي جو سلسلو بند ڪرائن.
هن چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اڱاري تي تهران جو دورو ڪيو، اسحاق ڊار ايراني صدر مسعود پيزشڪيان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندي ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته تقريب ۾ اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان ايراني صدر مسعود پيز شڪيان کي مبارڪ ڏني، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، نئين ايراني انتظاميا سان لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ٽي ٽي پي خطي لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهي آهي، دهشتگرد سرگرمين لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪئي پئي وڃي، افغان حڪومت ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري………..